Traffic Across The World

free counters

somthing about genrl hosh muhammad qambrani

Posted on 1:04 AM by Shoaib Anwer

24 مارچ 1843ع جي نما شام، ڪا رواجي نما شام نه هئي. اولهه طرف عرش کي ڄڻ باهه جا ڀنڀٽ ورائي ويا هئا. سنڌ جي آسمان تي لهندڙ سج رت جي لام ڇڏي ڏني هئي. هيٺ، ڌرتيءَ کي سنڌڙيءَ جي سپوتن ۽ سرڪش جوڌن رت جو ريج ڏنو. ماحول موت وانگر ماٺ ۽ گنڀير هو. سج اڳ به لهندو هو، پر اُن شام جھڙو اُداس ۽ المناڪ نه لڳندو هو. شهيدن جي شام ڇا آئي، ڄڻ غيب مان روحن جي آخري سفر جي صدا آئي. فلڪ ۽ مَلڪ حيرت وچان دُٻي ۾ اکيون اٽڪائي ويهي رهيا.

دُٻي جو ميدان، جتي ٽپهريءَ تائين موت ۽ زندگي جو معرڪو لڳو هو، اُتي نما شام تائين مڪليءَ جهڙيءَ ماٺ اچي واسو ڪيو. سڄو ميدان عضون جو ڪوس ــ گهر هو. هر طرف لاشن جا انبار هئا. منظر اهڙو، جو دلير دهلجي وڃن ۽ ڏونگر ڏري پون! قبرستان جھڙي خاموشي وايو منڊل کي اُڳري ويئي. هوائون ساهه روڪي بيهي رهيون.

. . . . . . تڏهن، ميجر جيڪب جي ڪيمپ ۾ سر چارلس نيپئر جو ڪٽڪ اچي پهتو. نيپئر فتح جو سهرو پنهنجي سر تي رکڻ لاءِ آتو هو. هن اچڻ شرط جام چپن تي آندو، ۽ بيوگل وڄائڻ جو حڪم ڏنو. چار سپاهي ميجر جيڪب جي تنبوءَ ٻاهران اچي بيٺا. بيوگلن جو رخ رت آلود آسمان ڏانهن ڪري، ڦڦڙن ۾ ساهه ڦوڪي، فتح جو آواز آلاپيائون. آواز تکو ۽ طويل هو، ۽ سنگينن وانگر سنڌ جي سيني ۾ لهي ويو.

سنڌ پاسو ورايو. موت جو فرشتو امان گُهري پري ٿي بيٺو. هوشوءَ رت ـــ هاڻيءَ مٽيءَ مان منهن مٿي ڪيو ........

بيوگل جو آواز ٻڌي، سندس اُتاولو روح ساوڻ جي سنڌوءَ وانگر بيقابو ۽ شهزور ٿي پيو. هن کاٻي ٻانهن وڌائي، هڪ ڪهاڙي کڻي ورتي. ڪهاڙيءَ جي ڳن کي قابو ڪري، کوڙي، آهستي آهستي، هو ڪارڙو ۽ ڪوجھڙو، طاقتور ۽ قدآور جوڌو، لاشن جي وچ ۾ آُٿي بيٺو. هن جو سڄو جسم رت جي کنهبي ۾ رڱيل هو. وارن کان پيرن تائين، عضوو عضوو زخمن کان چچرجي چور ٿي چڪو هوس. ماس لڱن کان ڌار ٿي ويو هوس. ساڄي ٻانهن ڪلهي کان ڪپجي، مشڪن جي هڪ تند ۾ لٽڪي رهي هيس. تيرن ۽ تلوارن، بڙڇين ۽ ڀالن، بندوقن ۽ سنگينن سندس سنَڌ سَنڌ پرڻ ڪري ڇڏيو هو. هن جي جسم تي چونجاهه گَهرا گهاءُ هئا.

هو اٿي بيٺو، ته عذاب جو احساس هيري جي ڪڻ وانگر سندس وجود مان پار ٿي ويو. ڪنڌ ۾ ڪُنڍي تير جي هيٺان تلوار جو اونهو گهاءُ هوس، جيڪو مشڪن کي ڪپيندو، مغزي ڏوريءَ تائين وڃي پهتو هوس.

هن آهستي آهستي اکيون کوليون. پنبڻين ۾ سڪل رت جا ذرڙا ياقوت جي داڻن وانگر پوتل هئس. تڪليف جي ڦيٿي وانگر ڦرندو محسوس ٿيس. اکين آڏو اونداهه اچي ويس. ڇپر ڇِپُن وانگر ڪِري پيس. گوڏا وڃي رت ــ هاڻيءَ مٽيءَ سان لڳس. هن نرڙ ڪهاڙيءَ جي ڳن تي رکي ڇڏيو، ۽ سندس رڳ رڳ مان رت ٽمندو رهيو.

پوءِ، گهڙي کن رکي، سگهه ساري، ڪهاڙيءَ جي ڳن تي زور ڏيئي، ٻيهر اٿي بيٺو. ڦٽ کُلي پيس. اندر ۾ عذاب جا آرا هلڻ لڳيس، پر هن آه کي دل جي قيدخاني مان نڪري چپن تي اچڻ نه ڏنو ــــــــــــــــ دانهن نه ڪيائين. گُهنڊ وجهي، ميجر جيڪب جي ڪيمپ ڏانهن ڏٺائين. سنڌ جي آزاد هوائن ۾ انگريزن جو رنگارنگي جھنڊو جھولندو ڏسي، سندس وجود ۾ نفرت ۽ حقارت جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. وڙهڻ لاءِ وک واڌايائين، پر وڌائي نه سگهيو. هو نهائينءَ وانگر کامندو، جيءَ ۾ جلندو رهيو.

پوءِ اڪيلي سر، جتي سندس سورهيه سرويچ ساٿي سنڌڙيءَ تان جندڙي قربان ڪري شهيد ٿي چڪا هئا، هوشوءَ زخمي شينهن وانگر گجگوڙ ڪري دشمن کي للڪاريو، پڪاريو .......... رڻ گجيو، راڙو ٿيو.

بيوگل جي نڙيءَ ۾ ڀانءَ ته پلي جو ڪنڊو اٽڪي پيو. سر چارلس نيپئرکان ڇرڪ نڪري ويو. ميجر جيڪب جي چپن تائين فتح جو جام ايندي ايندي ڇلڪي پيو. هو ٻيئي ۽ ڪئپٽن رچرڊسن تنبن مان ٻاهر نڪري آيا.

هوشوءَ کاٻي هٿ ۾ ڪهاڙيءَ جو ڳن مضبوط ڪري، هڪ ڌڪ سان لڙڪندڙ ساڄي ٻانهن ڪلهي کان ڌار ڪري ڇڏي.

انگريزن کان دانهن نڪري ويئي. سر چارلس نيپئر حيرت مان، وچ ميدان ۾ بيٺل سورمي ڏانهن ۽ پوءِ ميجر جيڪب ڏانهن ڏٺو.

ميجر جيڪب چيو، ”هيءُ هوشو آهي. اڄوڪيءَ جنگ ۾، هڪ ڊيميٽرس کان سواءِ، رايل برٽش آرميءَ جا سڀئي جوڌا هوشوءَ سان زور آزمائي، مري مات ٿيا آهن.“

جنگنجو پهلوان ڊيميٽرس مٿي کان پيرن تائين لوهه جي زرهه ۾ جهنجهيل هو. هو ٽنهي وٽ اچي بيٺو.

ميجر جيڪب چيو، ”مان سترهن جنگين ۾ وڙهيو آهيان، مون هوشوءَ جھڙو بيڊپو ۽ سرڪش جرنيل نه ڏٺو آهي، سندس بيپناهه بهادري ڏسي، مون کي ساڻس نفرت ٿي ويئي آهي.“

ڊيميٽرس ماٺيڻي لهجي ۾ چيو، ” هوشو جيڪڏهن آسماني ڪتابن کان اڳ پيدا ٿئي ها ته سندس نالو حضرت شمعون سان گڏ لکيو وڃي ها. هن جي دليريءَ جا داستان ڏندڪٿائن وانگر سنڌ ۾ صدين تائين ٻُڌايا ويندا.“

”مون کي خبر آهي.“ سر چارلس نيپئر چيو، ”مونکي اها به خبر آهي ته اڄ رڻ تتي جڏهن هوشوءَ جي توپ جو بارود ختم ٿي ويو هو، تڏهن هن لوهي توپ ڀاڪر ۾ ڀري، اسانجن سپاهين تي اُڇلائي هئي.“

ميجر جيڪب ڪيپٽن رچرڊسن ڏانهن ڏسندي چيو، ” ڪئپٽن، هوشوءَ اڄوڪي هڪ ڏينهن ۾ اسانجا ايترا ته جوڌا ماريا آهن جو ڳڻڻ کان ٻاهر آهن. مان تونکي حڪم ٿو ڏيان ته کيس ماري، سندس سر سنگين تي چاڙهي، سر چارلس نيپئر آڏو اچي پيش ڪر.“

ڪئپٽن رچرڊسن، پنهنجي جنگجو پهلوان ڊيميٽرس کي وٺي، ميدان ۾ ڪاهي پيو. هو ٻيئي لاشن کي اورانگهيندا، ڀڳل هٿيارن کي لتاڙيندا، وچ ميدان ڏانهن ڌوڪيندا ويا، جتي هوشو هماليا جبل وانگر ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو هو.

اڃا هو ٻيئي هوشوءَ کان ڪجھ پرڀرو هئا ته زرهه ۾ جهنجهيل ڊيميٽرس چيو، ” ڪئپٽن رچرڊسن، هوشوءَ جي بهادريءَ جو ذڪر منهنجي بزدليءَ جو اعتراف ته نه آهي.“

ڪئپٽن رچرڊسن منهن ورائي ڊيميٽرس ڏانهن ڏٺو.

ڊيميٽرس چيو، ” اڄوڪيءَ جنگ ۾ هوشوءَ جتي جتي پير رکيو ٿي، اُتي ڌرتي ڌُٻي ٿي، ڪنبي ٿي. تلوار جو وار ڪيائين پئي ته آسمان لرزيو ٿي.“

”تنهنجن حواسن تي هوشوءَ جو خوف ڇانئجي ويو آهي.“ ڪئپٽن رچرڊسن چيو،” هينئر هو زخمي آهي.“

” مون اڄ ڏينهن تائين فقط خوف جو نالو ٻڌو هو،“ ڊيميٽرس چيو، ” اڄ جڏهن هوشوءَ کي وڙهندي ۽ وار ڪندي ڏٺو اٿم، تڏهن خوف جو مفهوم سمجهيو اٿم.“

ڪئپٽن رچرڊسن کي منهن ۾ گُهنڊ پيو. هو ٻِيئي هوشوءَ ڏانهن وڌندا رهيا، ڳالهائيندا رهيا. نيٺ هوشوءَ کي سڏپنڌ تي اچي پهتا.

ڪئپٽن رچرڊسن پنهنجي جنگجو پهلوان جي دل مٿي ڪرڻ لاءِ چيو، ”ڊيميٽرس، تون عهدِ روم جي گليڊيئٽرن جھڙو بهادر آهين. تنهنجا جنگي جوهر عظيم رچرڊ جي ڪارنامن سان ڀيٽڻ لائق آهن. تنهنجو وار آدمخور چيتي جي اُڇل آهي. ڏسين ڇا ٿو، حملو ڪر!“

ڊيميٽرس هوشوءَ ڏانهن ڏٺو. هوشوءَ هٿ سان پنبڻين ۾ اٽڪيل سُڪل رت جا ذرڙا، مهٽي، لاهي ڇڏيا. اڃ کان ٺوٺ ٿيل چپ ڏري پيا هئس. ڳيت ڏنائين، ته رت ٺينڊيون ڪندو ڦڦرن ۾ وڃي ڦاٿس. هن ڊيميٽرس ڏانهن ڏٺو. ڪهاڙيءَ جي ڳن تي سندس مٺ لوهه وانگر قابو ٿي ويئي. آهستي آهستي ڦِريو، ۽ ڪيپٽن رچرڊسن ۽ جنگجو ڊيميٽرس کي دوبدو ٿي بيٺو.

”ڊيميٽرس“ ڪئپٽن رچرڊسن رڙ ڪئي، ”ڏسين ڇا ٿو، حملو ڪر.“

ڊيميٽرس ڪئپٽن رچرڊسن کان عمر ۾ وڏو هو. هن ڪئپٽن رچرڊسن ڏانهن ڏسڻ بنا چيو، ” ڪئپٽن، هيءُ هوشوءَ، جنهن جو سَنڌ سَنڌ زخمن کان چور آهي، جيڪو وارن کان پيرن تائين رت ۾ رڱيل آهي، سو اڄ جڏهن اسان فوج تي ڪڙڪيو هو ته وڄ وانگر ڪڙڪيو هو، اسان جي صفن ڏانهن وڌيو هو ته طوفان وانگر وڌيو هو، جيئن جيئن ڀڙڇيون ۽ ڀالا لڳس پئي، تيئن تيئن گجيو ٿي. ڪئپٽن رچرڊسن، ياد رک، هوشوءَ جو آواز صدين تائين سنڌ ۾ گونجندو رهندو.“

ڪئپٽن رچرڊسن اٽڪلي هو، حرفتي هو. هن پنهنجي جملي تي زور ڏيندي چيو، ” ته پوءِ ايڏي وڏي جرنيل کي مارڻ جو فخر حاصل نه ڪندين؟“

ڊيميٽرس پنهنجو فولادي ٽوپ مٿي ڪري ڪئپٽن ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”هوشوءَ کي ڪوبه ماري نه سگهندو! “

ڪئپٽن رچرڊسن کي پنهنجي جنگجو پهلوان جو جواب ناگوار محسوس ٿيو. هن کهري لهجي ۾ ڊيميٽرس کي چيو، ” ڊيميٽرس، مان رايل برٽش آرميءَ جو ڪئپٽن تو کي حڪم ٿو ڏيان ته هوشوءَ تي حملو ڪر! “

ڊيميٽرس سڌو تي بيٺو. مياڻ مان تلوار ڪڍندي چيائين، ” مان رايل برٽش آرميءَ جو معمولي پگهاردار سپاهي، تنهنجو حڪم مڃان ٿو. مان پنهنجي قيامت ڪار ي ڪريان ٿو. هڪ گهايل ۽ زخمي سورميءَ تي وار ڪري، مان پنهنجيءَ ماءُ کي لڄايان ٿو.“

ڊيميٽرس وک کڻي هوشوءَ ڏانهن وڌي آيو. هڪ پگهاردار سپاهيءَ وانگر، تلوار سڌي ڪري هوشوءَ تي وريو.

هوشوءَ ڪهاڙيءَ جي ڳن تي مٺ مضبوط ڪري، رهيل سهيل طاقت بدن ۾ ڀري، ٻانهن اُڀي ڪري، ڪهاڙي ڊيميٽرس کي اُڇلائي هنئي. ڪهاڙي کنوڻ وانگر کِوندي، زرهه کي ڪاغذ وانگر ڪپيندي، ڦَڙَ سميت، اڌ ڳن تائين ڊيميٽرس جي سيني ۾ لهي وئي. ڊيميٽر جي هٿ مان تلوار ڇڏائجي ويئي. وات وحشٽ مان ڦاٽي پيس، پر رڙ نه نڪتس. هو ڪري پيو. مٽيءَ جي بوتي وانگر ڀُري پيو.

ڪئپٽن رچرڊسن بنا دير جي، اک ڇنڀ ۾ ، زهريلو ڀالو زخمي ۽ بي هٿيار هوشوءَ کي سموريءَ سگهه سان اُڇلائي هنيو. ڀالو هوشوءَ جي سيني کي چيريندو، پٺيءَ تائين پار ٿي ويو. ڀالو هوشوءَ جي سيني ۾ کپي پيو.

هوشوءَ جي وات مان صدا بلند ٿي: ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون!“

هوشوءَ پنهنجو هٿ ڀالي ۾ وجهي، سٽ ڏيئي، سيني مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ورتو.

ڪئپٽن رچرڊسن جو ساهه خوف کان سڪي ويو. هن هوش نه سنڀاليو هو جو هوشوءَ اُهو چتائي ۽ کپائي، ڪئپٽن رچرڊسن جي کوپريءَ تي وهائي ڪڍيو. ڪئپٽن جي ڪيپراٽي ذريون ذريون ٿي ويئي. هو رڙ ڪري، پهڻ وانگر ڌرتيءَ تي ڪريو ۽ برف وانگر ٺري ويو.

هوشوءَ اُجهامندڙ اک سان آسمان ڏانهن ڏٺو. آسمان تي لهندڙ سج رت ـــ هاڻي لام ڇڏي ڏني هئي.

هوشوءَ ڌرتيءَ تي دان ڏنو. سندس هانءَ مان وهندڙ ۽ ٽمندڙ رت ڏسي، لڪيءَ جا چشما بند تي ويا. سنڌو نديءَ جو وهڪرو ماٺ ۾ ۽ سانت ۾ سڪندو ويو. کير ٿر جون سربلند چوٽيون جھڪنديون ويو ـــــــــ هڪ طويل رڪوع ۾ نمنديون ويون.

هوشوءَ ٿڙندو، ٿاٻڙندو، وک کن وڌيو. اکين اڳيان اونداهه اچي ويس. اکين آڏو ماحول ڌنڌ ۾ ٻڏندو ويس. هو آهستي آهستي، گوڏا کوڙي، رت ڀِنيءَ ڌرتيءَ تي ويهي رهيو. روح اڻ ــ ڪٿ پولار ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳس، ڪائنات جي بي انت پکيڙ ۾ پکيءَ وانگر پرڙا هڻندو رهيس. ڪرنگهو ڪمان ٿيس. هو ابدي سجدي ۾ ڌرتيءَ تي جھڪي آيو. پنهنجا رت ــ هاڻا چپ سنڌ جي مِٽيءَ سان ملائيندي چيائين،

”سنڌڙي منهنجي ماءُ،
جيجل منهنجي ماءُ،
تنهنجي سڏ تي سر ڏيئي،
مون پيتو جامِ شهادت پيتو.

اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
جتان وري مان ورندس:
صدين جا رُخ موڙي،
حق جو جھنڊو عرش تي کوڙي،
۽ واڳ وقت جي موڙي،
مان تنهنجي سڏ تي ايندس.

جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهجي ماءُ،
جڏهن به تو تي اونداهه ايندي،
ظلم جي نگري ٿيندي،
رات ڏينهن کي اُڳري ويندي،
۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
۽ مان سر جو صدقو ٿيندس.

جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهنجي ماءُ،
مان تنهنجي خاطر ڏاڍ ڏمر سان وڙهندس،
سر جي سَين هڻي مان ايندس،
حق تان صدقي ٿيندس:
مان ايندو رهندس،
مرندو رهندس،
مري، وري مان جِيئندس،
جتان وري مان ورندس.“

هوشوءَ پنهنجيءَ بيپناهه بهادريءَ ۽ بيمثال حب الوطنيءَ سان دُٻي جي شڪست کي سنڌ جي سڀ کان وڏيءَ فتح ۾ بدلي ڇڏيو.

جنهن وقت ڪائنات مڪمل اونداهه ۾ گم ٿي رهي هئي، ۽ جنهن وقت انگريزن جي ڪيمپ مان ڪئپٽن رچرڊسن ۽ جنگجو ڊيميٽرس جي موت تي ٽرمپيٽ جي دردناڪ صدا بلند ٿي رهي هئي، تنهن وقت جرنيل هوش محمد شيديءَ پنهنجي زندگي جا آخري ساهه کنيا. . . . . . ۽ پوءِ، ٿڪل ٽُٽل ٻار وانگر، جيجل سنڌ جي هنج ۾ منهن رکي سمهي پيو.